عمران خان کي ضمانت تي آزاد ڪريو، اچڪزئي

عمران خان کي ضمانت تي آزاد ڪريو، اچڪزئي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)پختون خواه ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو باني سٺو هجي يا خراب، لکين ماڻهن کيس ووٽ ڏنو، کيس ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي.ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن ۾ پئسي ۽ طاقت جي زور تي عوام جو مينڊيٽ کسيو ويو.محمود خان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته اياز صادق قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي حمايت سان آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، ننڍن صوبن کي به ان ترميم تي تحفظات آهن.هن سوال ڪيو ته هڪ ووٽ خريد ڪرڻ لاءِ 70، 70 ڪروڙ رپيا ڪٿان آيا؟ چيف پي ڪي ميپ جو چوڻ آهي ته پاڪستان بحران ۾ آهي، خطي جي امن لاءِ خطرو آهي، اسان کي هن ملڪ ۽ ان جي سالميت سان پيار آهي.محمود خان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته ڊڪي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ مزدورن کي قتل ڪيو ويو، گاڏين کي باهه ڏني وئي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته ملڪ جون ايجنسيون ايتريون ڪمزور ناهن جو ڪنهن ٻار جو پتو نه لڳائي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو