محرم الحرام، ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ  جو فيصلو

محرم الحرام، ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)محرم دوران سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي، گهرو وزارت چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ فوج کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.گهرو وزارت اسلام آباد ۾ فوج جي مقرري لاءِ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب، فوج سول ادارن جي مدد لاءِ سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏيندي. رپورٽن موجب، ملڪ ۾ فوج جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 245 تحت هوندي ۽ سول هٿياربند فوج جي مقرري دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ 1997 تحت هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو