ماڙي جلباڻي واقعو، جاچ ڪميٽي قائم، 4 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب

ماڙي جلباڻي واقعو، جاچ ڪميٽي قائم، 4 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته سڪرنڊ واقعي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙي چئن ڏينهن اندر تفصيلي رپورٽ گهري ورتي آهي. اها ڳالهه هن جمعي ڏينهن نيو ميمن مسجد ۾ ربيع الاول جي جلوس ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن سڪرنڊ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. وڏي وزير چيو ته گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز سان ملاقات ۾ سڪرنڊ واقعي جي تفصيل بابت پڇا ڳاڇا ڪئي آهي. هن چيو ته اهڙا واقعا ڏکوئيندڙ آهن ۽ نه ٿيڻ گهرجن. وڏي وزير چيو ته هن واقعي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي جوڙيندي چئن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. انڪوائري ڪميٽي جي سربراهي ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر شاهه، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ ڪندا. جسٽس باقر اميد ظاهر ڪئي ته انڪوائري ڪميٽي ٺهڻ کانپوءِ احتجاج ڪندڙ ڌرڻو ختم ڪندا. واضح رهي ته خميس ڏينهن سکر جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي ۾ 4 ڳوٺاڻا مارجي ويا هئا. ربيع الاول: نگران وڏي وزير چيو آهي ته ربيع الاول وڏو ڏهاڙو آهي ۽ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ربيع الاول جي جلوس لاءِ سيڪيورٽي جا انتظام وڌيڪ سخت ڪيا ويا آهن. جسٽس باقر عوام تي زور ڀريو ته هو اڄوڪي ڏينهن تي پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعا ڪن. نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر مستونگ ۾ عيد ميلاد النبي جي جلوس جي ويجهو ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير هنگو جي دوآبه مسجد ۾ ڌماڪي جي پڻ سخت مذمت ڪئي جنهن ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو