مانجهند (ن س)مانجهند ڀرسان ڳوٺ انب کوسو وٽ انڊس ھاء وي تي ڪوچ ڪار جي موٽرسائيڪل جي ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ 35 ورهين جو بدين جي شھر ڪڍڻ واسي موٽرسائيڪل سوار نظير احمد پٽ اويس جمالي موقعي تي ي فوت ٿي ويو جڏهن ت سندس 2 دوست عرض محمد لنڊ ۽ حقنواز لنڊ سخت زخمي ٿي پياموٽروي پوليس ۽ خاڻوٺ پوليس واقعي واري جاء تي ترت نه پھچڻ سبب ڳوٺاڻن انڊس ھاء وي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن بعد پوليس پهچي فوتي جي لاش ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو جتي هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو پوليس ڪوچ ۽ ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو










