لاهور(ويب ڊيسڪ) ليسڪو بورڊ بجلي چوري روڪڻ لاءِ سمارٽ ميٽرن جي منظوري ڏئي ڇڏي.ليسڪو عملدارن موجب سمارٽ ميٽرن جي خريداري تي 8 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا ۽ سمارٽ ميٽرن سان ٽيڪنيڪل نقصانن ۾ به گهٽتائي ايندي.ليسڪو عملدارن جو چوڻ آهي ته سمارٽ ميٽرز لڳائڻ سان 5 سالن ۾ 5 ارب رپيا بچندا. سمارٽ ميٽرز 20 سالن تائين ڪارآمد هوندا جڏهن ته ميٽرن جي ريڊنگ ۾ ڪا به ڦير ڦار نه ڪئي ويندي.










