لنجار مورو کان ڏيپارجا روڊ جو افتتاح ڪري ڇڏيو

مورو(ن سنڌيار) اڳوڻي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار سبزي مارڪيٽ وٽ ڪلچرل ڪامپليڪس،  پبلڪ لائيبريري ۽ دادو مورو روڊ کان ڏيپارجا تائين تعمير ٿيل روڊ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ضياءِ الحسن لنجار صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پ پ جو منشور عوام کي سھولتون پھچائڻ آھي ان سلسلي ۾ اسان مورو شھر سميت علائقي جي ماڻھن لاءِ ڪلچرل ڪامپليڪس ء لائيبريري منظور ڪرائي آھي جنھن جو ترقياتي ڪم جاري آھي، جنھن جي پيڙھ جو پٿر رکيو ويو آھي ھن ڪلچرل ڪامپليڪس ۽ پبلڪ لائيبريري مان شاگرد توڙي شھر جا ماڻھو مختلف ڪتاب پڙھي ڄاڻ حاصل ڪندا، ان کان علاوہ دادو مورو روڊ کان ڏيپارجا تائين ساڍا اٺ ڪروڙ روپين جي لاڳت سان روڊ تعمير ڪرايو آھي انھي لنڪ روڊ سان ڳوٺاڻن کي سفر جي بهتر سهولت ملند. اھو روڊ ڪيترن ئي سالن کان کنڊرات بڻيل ھو ۽ انھي علائقي جا ڪيترائي ڳوٺ جن م ڏيپارجا، پرڻ، ڳوٺ حاجي خان ڀٽي، ڳوٺ پڪا عالماڻي، ڪانڌڙا ڪالوني، سمندر خان عالماڻي، امام آباد، سيال موري، ڳوٺ الله داد عالماڻي، ڏتل خان ڀٽي ء ٻيا ڳوٺ شامل آھن، ٺاڻايل ڳوٺن جي رھواسين انھي روڊ جي تعمير لاء ڪيترائي دفعا احتجاج پڻ ڪيا ھئا عوام جي احتجاجن جو ضياء الحسن لنجار نوٽيس وٺندي سنڌ حڪومت کان خصوصي گرانٽ منظور ڪرائي روڊ تعمير ڪرايو آھي ان موقعي تي ڊي سي نوشھرو فيروز تاشفين عالم، ايس ايس پي نوشھرو فيروز عبدالقيوم پتافي، اڳوڻي چيئرمين نظير احمد ميمڻ، ڊي ايڇ او نوشھرو فيروز ڊاڪٽر اسد الله ڪلھوڙو، اسلم قريشي، ڊاڪٽر مظھر ڪلھوڙو، نور سمون، دوست علي سولنگي، گل بھار سوھو، علي حسن سوھو، خان ڏاھري، خان اعواڻ ء ٻيا ساڻس گڏ ھئا ان کان پوء مورو شھر جي ٻھراڙي ۾ عذر خواھيون پڻ ڪيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو