لاهور ۾ ڊرون ڊائون، مختلف شهرن ۾ ڌماڪن جا آواز، حملا ناڪام

لاهور ۾ ڊرون ڊائون، مختلف شهرن ۾ ڌماڪن جا آواز، حملا ناڪام

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ڀارت پاران چڪلالا نورخان ايئربيس تي حملو ڪيو ويو آهي جنهن کي ناڪام ڪيو آهي سيڪورٽي ذريعن موجب لاهور ۾ هڪ ڀارتي ڊرون ڪيرايو ويو آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن.لاهور جي نارنگ منڊي واري علائقي ۾ هڪ ڀارتي ڊرون ڪيرايو ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب، لاهور شهر ۾ ڪو به ڊرون نه اڏايو ويو، نه ئي ڪو ڌماڪو ٿيو.شيخوپوره جي سرحدي ڳوٺ جئسنگهه والا ۾ هڪ ڀارتي ڊرون ڪيرايو ويو. ڊرون ڪري تباهه ٿيڻ کان پوءِ فصلن جي باقيات ۾ باهه لڳي وئي. ڊرون ڪري تباهه ٿيڻ سبب ڪو به جاني يا مالي نقصان نه ٿيو، ۽ فائر برگيڊ اهلڪارن باهه تي ضابطو آندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو