لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) 11 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.سي ٽي ڊي ترجمان موجب دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو ۽ اهم عمارتن جا نقشا پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.ترجمان سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته دهشتگردن وٽان ڌماڪيدار مادو، هٿيار ۽ دستي بم به هٿ ڪيا ويا آهن، دهشتگرد لاهور ۾ اهم سرڪاري عمارت کي نشانو بڻائڻ چاهيندا هئا. سي ٽي ڊي ترجمان موجب گرفتار دهشتگردن ۾ زبير، اسلم، ابوبڪر، فدا حسين، فهد سليم، سيف الله، نفيس، اسرار، حاجي شاهه، عبدالله ۽ ٻيا شامل آهن.سي ٽي ڊي ترجمان موجب لاهور مان هلندڙ مهيني هن وقت تائين 34 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.










