قوم سڀاڻي بلاول جي حمايت ۾ ٻاهر نڪري: شرجيل ميمڻ

قوم سڀاڻي بلاول جي حمايت ۾ ٻاهر نڪري: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته بلاول جي بيان تي ڀارت ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي، قوم سڀاڻي پرڏيهي وزير جي حمايت ۾ ٻاهر نڪري.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ڀارت ۾ مودي جي چوڻ تي ٽرينن کي باهه ڏني وئي، پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين جا پيرا ڀارت ڏانهن وڃن ٿا.هن چيو ته ڪشميرين جي جسم تي پيلٽ گنز جا نشان هاڻ به موجود آهن، ڪشمير ۾ تاريخ جو سڀ کان ڊگهو ڪرفيو هنيو ويو، نريندر مودي وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ اقليتن سان ظلم ڪيو.سندس موجب بلاول چيو ته مودي جي چوڻ تي مسلمانن جو قتل عام ڪيو ويو، ان بيان تي ڀارت ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي، بلاول ڀٽو جي حمايت ۾ ريلي ۾ سڀاڻي سڀني شهرين کي شريڪ ٿيڻ گهرجي، سڄو پاڪستان پرڏيهي وزير جي حمايت ۾ نڪري دنيا کي پيغام ڏئي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف آهي، اسان سڀ ڪشمير ۽ پاڪستان جي ايشو تي گڏ آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو