حيدر آباد(ن س)سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ڏينهن جي مناسبت سان ترقي پسند ھائوس تي تقريب ٿي گذري جنهن جي صدارت سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي ڪئي. ورسي کي خطاب ڪندي حيدر شاھاڻي چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد سنڌ جا شهيد آهن. هنن کي شهيد ڪري سنڌ جي شعور کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر قومپرست سياست اڄ به سنڌ ۾ زنده آهي. هن چيو ته ان جو دؤر جا آمر اهو سوچي رهيا هئا ته سنڌ جي شاگردن کي شهيد ڪري اهي قومي تحريڪ کي ختم ڪري ڇڏيندا. پر اهي ڀليل هئا. هن چيو ته تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به سنڌ تي ڌارين يلغارون ڪيون ته سنڌ جي غيرتمند ماڻهن انهن سان همتن ۽ جرئتن سان مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي وطن کي آجپو ڏياريو. هن چيو ته اڄ به سنڌ انتهائي ڏکي صورتحال مان گذري رهي آهي. سنڌ جي معاشي وسيلن تي ڌارين جو قبضو آهي. جاگيردار وڏيرا، مير، پير اسان جا حڪمران آهن. جيڪي ڪرپشن جا بادشاهه، عياش پرست، بدمست، نااهل آهن. جن سنڌ کي معاشي ۽ سياسي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي. جمهوريت جي نالي تي ووٽ وٺندڙ اڄ چؤڪن تي ووٽ ۽ ووٽر جو تقدس پئمال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پ پ سرڪار ڏهن سالن ۾ سنڌي ماڻهن جي بنيادي مسئلن پاڻي، صحت، تعليم، روزگار ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آهي. ورسي جي تقريب کي ڊاڪٽر سومار مڱريو ، عاشق سولنگي ،قادر چنا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.










