لاهور (ويب ڊيسڪ)نائب امير جماعت اسلامي پاڪستان لياقت بلوچ چيو آهي ته معاشي تجربن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ قومي اقتصادي چارٽر تي اتفاق ٿيڻ گهرجي.هن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آءِ ايم ايف جو مطالبو حيران ڪندڙ آهي، وڏن زميندارن کي زرعي آمدني مان ٽيڪس جي ڇوٽ ملندي رهندي.هن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ پگهاردار طبقي هن سال 391 ارب رپيا آمدني ٽيڪس ۾ ادا ڪيا آهن.










