اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ سينيٽ اجلاس جو وقت به تبديل ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب سينيٽ جو اجلاس 2 وڳي بدران 6 وڳي ٿيندو.ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اجلاس جو وقت تبديل ڪيو ويو.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس جمعي ڏينهن 11 وڳي بدران شام 6 وڳي ٿيندو.










