حيدرآباد (ن س) قبضا مافيائن سنڌ جي زمينن تي ناجائز قبضا ڪري ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪري ڇڏيو آهي. بحريا ٽائون کيرٿر نيشنل پارڪ تائين قبضا ڪري سنڌ جي تاريخي ماڳن کي ميساري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جي سهڪار سان ملڪ رياض سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا آهن. لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪري بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ ٻيا منصوبا جوڙيا ويا آهن. اميد آهي ته سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جي قبضن کي ناجائز قرار ڏيندي. سنڌ جون زمينون بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ايڊوڪيٽ نجيب مهيسر ۽ عبدالله ٻپڙ پنهنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. هنن چيو ته بحريا ٽائون ۽ ٻين رهائشي اسيڪمن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري سنڌين کي بي دخل ڪيو پيو وڃي. بحريا ٽائون سپر هائي وي جي ٻنهي طرفن تي قبضا ڪري کيرٿر نيشنل پارڪ کي پڻ پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. کيرٿر نيشنل پارڪ تائين بحريا ٽائون جو قبضو سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت سان هٿ چراند آهي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي 15 سالا اقتداري دور ۾ ملڪ رياض جهڙن قبضاگيرن جي سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ سنڌ جي زمينن تي قبضن جو نوٽيس وٺي. بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ذولفقار آباد، زرعي انقلاب ۽ ٻين پرفريب نعرن جي آڙ ۾ سنڌ جي زمينن مٿان ناجائز والار روڪي وڃي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سنڌ جو عوام پنهنجي زمينن جي حفاظت لاءِ پرامن عوامي جدوجهد ڪندو. سنڌ جون زمنيون بي زمين هارين کي ڏئي ملڪي معشيت بهتر ڪرڻ لاءِ راه هموار ڪئي وڃي.










