ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)صنفي تشدد بابت ڪيترن ئي شعبن جي رابطا ڪميٽي جي ٻي ڪانفرنس اڄ مقامي هوٽل ۾ ٿي. هن ڪانفرنس جو اهتمام Pathfinder International پاران UNFPA پاڪستان جي سهڪار سان ڪيو ويو هو صحت مند خانداني پراجيڪٽ (SMK) تحت، صوبي ۾ صنفي بنيادن تي تشدد تي ڪيترن ئي شعبن جي رابطا ڪميٽي (MSCC) جي تعاون سان ڪيو هو. تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي نگران صوبائي وزير اطلاعات، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ محمد احمد شاهه چيو ته صنفي تشدد جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت جي گهري دلچسپي ان ڳالهه مان به واضح آهي ته سنڌ حڪومت جو چيف سيڪريٽري سميت اهم لاڳاپيل کاتن جي سيڪريٽرين ۽ اعليٰ آفيسر هٿي موجود آهن ۽ انهن پنهنجي ڪم جا تفصيل سامهون پڻ پيش ڪيا. هن چيو ته سنڌ جي نگران وڏي وزير جي مصروفيت سبب حڪم آيو ته ان جي نمائندگي مون کي ڪرڻي آهي. سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس ريٽائرڊ مقبول باقر عورتن، ٻارن ۽ اهڙن سمورن طبقن جنهن کي خاص تحفظ ۽ توجه جي ضرورت آهي ان جي ڀلائي ۾ خاص دلچسپي رکن ٿا. محمد احمد شاهه چيو ته فاطمه پرڙو مظلوم ۽ لاچاري جي علامت آهي اسان کي هر فاطمه پرڙو جي مدد ڪرڻي پوندي ته جيئن ڪنهن ڀيڻ، ڌيءَ ظلم جو شڪار نه ٿي سگهي، هڪ وڏو پير جنهن تي هٿ نٿو وجهي سگهجي ان تي قانون جي گرفت ڪئي وئي، قانون بنا ڪنهن فرق سختي سان عمل ڪرڻ سان ئي قانون جو احترام ۽ خوف پيدا ٿيندو، هن چيو ته هڪ خاص طبقو آهي جيڪو سوچيندو آهي ته ان تي هٿ نٿو وجهي سگهجي اهي ٻڌي وٺي ته قانون جي بالاستي کان ڪوئي نٿو بچي سگهجي، قانون ٺاهڻ ئي ڪافي ناهي بلڪي ان تي موثر عملدرآمد پڻ ضروري آهي، قانونن تي موثر عملدرآمد پوري جذبي ۽ عزم سان ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته صنفي تشدد به هڪ ثقافتي مسئلو آهي، اسان کي مونجهاري ۽ مظلوم طبقن جي حمايت ۽ مدد ڪرڻي آهي، هي سوسائٽي، ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا سڀ اسان جا آهن، اسان کي ان لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. اهي ماڻهو جن سڄي زندگي سماج جي خدمت ڪئي آهي، اسان کي انهن سان گڏ اڳتي وڌڻو آهي، جهڙو اسان پنهنجي ٻارن سان سلوڪ ڪندا آهيون، اهو ئي سلوڪ اسان کي سڄي صوبي ۽ سڄي ملڪ جي ٻارن سان ڪرڻو آهي، سنڌ جو نگران وڏو وزير ۽ سنڌ حڪومت ڀلائيءَ ۽ نيڪي جي هر ڪم ۾ توهان سان گڏ آهي، هن وڌيڪ چيو ته جڏهن کان هوش ۾ آيو آهيان هن شهر جي حالتن چڱي ريت واقف آهيان. مون ڏٺو ته ڪيئن انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي، سماجي تحفظ واري وزارت سٺي مقصد لاءِ ٺاهي وئي پر ان جو اختيار زيرو آهي، سماجي تحفظ جي وزارت هر شهري کي سماجي تحفظ ڏيڻ لاءِ ٺاهي وئي، محمد احمد شاهه چيو ته اسان جو معاشرو اونداهي رات آهي. هن چيو ته فائيو اسٽار هوٽلن ۾ ويهڻ سان مسئلا حل ناهي نڪرندو جن ماڻهن جو سماج جي نبض تي هٿ آهي، جنهن کي اسان سول سوسائٽي چئون ٿا، انهن کي گڏ وٺي ڪري هلڻو پوندو. سڀني کاتن ۾ ڊيٽا بئنڪ ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته فنڊز کي انهن جي حقيقي حقدارن تائين پهچڻ گهرجن. سنڌ تمام اهم شعبن ۾ تمام گهڻي ترقي يافته قانون سازي جي حوالي سان شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. اقليتي برادري جي دوستن زور ڀريو آهي ته قانون تي ان جي روح جي مطابق سختي سان عملدرآمد ڪيو وڃي. ان موقعي تي قانون ۽ انساني حقن واري صوبائي وزير عمر سومرو چيو ته عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جي خاتمي لاءِ اڃا گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، صنفي تشدد کي گهٽتائي لاءِ قانون شهادت ۾ پڻ ڪجهه بهتري آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته اسان کي اسڪولن ۽ مدرسن ۾ انساني حقن جي تربيت لاءِ 25 هزار رپين جا اسڪالر پڻ ڏنا ويندا. هن چيو ته ميڊيڪو ليگل آفيسرن جي مقرري ۾ بهتري اچي رهي آهي. تقريب کي نگران قانون واري وزير عمر سومرو، چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر فخر عالم عرفان، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو سنڌ محمد اقبال ميمڻ ۽ ٻين مقررين پڻ خطاب ڪيو.










