اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۾ هر شخص کي مڪمل مذهبي آزادي آهي.نگران وزيراعظم چيو ته الله جي نبي حضرت عيسيٰ عليه السلام انسانيت جي مصيبتن تي مرهم رکيو.هن چيو ته مسيحي برادري جي زندگي جي هر شعبي ۾ اهم ڪردار اسان وطنن جو فخر ڪيو آهي.نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو آئين اقليتن کي خاص تحفظ فراهم ڪري ٿو.هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀني مذهبن جي ماڻهن کي عبادت ڪرڻ، مذهبي فرضن، رسمن ۽ مذهبي تهوارن کي ملهائڻ جي مڪمل آزادي آهي.










