فيصل آباد )ويب ڊيسڪ)فيصل آباد جي واهن ۾ وهنجڻ دوران موتن ۾ خوفناڪ اضافو ٿيو آهي. ريسڪيو 1122 جي انگن اکرن موجب، گرمين جي موسم جي شروعات کان وٺي گذريل ڪجهه مهينن ۾ 19 نوجوان ۽ ٻار واهه ۾ وهنجڻ دوران پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن. آفيسرن چيو ته گذريل 5 مهينن ۾، اسان کي ٻڏڻ جا 32 ڪال مليا آهن ۽ بدقسمتي سان، انهن مان 19 فوت ٿي ويا، پر 13 ماڻهن کي بچايو ويو. ضلعي انتظاميا پاران قلم 144 جي پابندي باوجود ٻار ۽ نوجوان واهن ۾ وهنجڻ جاري رکن ٿا، جنهن تي ريسڪيو انتظاميا والدين کان اپيل ڪئي آهي ته قيمتي جانين جي نقصان کي روڪڻ ۾ مدد ڪن ۽ ٻارن کي واهن ۾ وهنجڻ کان روڪين.










