فيصلو ناهي ٿيو ته بلاول ڀٽو ڪراچي جي ڪهڙي تڪ تان چونڊ وڙهندو

فيصلو ناهي ٿيو ته بلاول ڀٽو ڪراچي جي ڪهڙي تڪ تان چونڊ وڙهندو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو ڪراچي جي ڪهڙي تڪ تان چونڊ وڙهندو، اهو اڃا طئي ناهي ٿيو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته بلاول ڀٽو سڄي پاڪستان مان چونڊ وڙهندو، پر اهو اڃا طئي ناهي ٿيو ته هو ڪراچي جي ڪهڙي تڪ تان چونڊ وڙهندو.ميئر ڪراچي چيو ته شهباز شريف اڳوڻو وزيراعظم آهي، کيس حق آهي ته هو ڪٿي به چونڊ وڙهندو.مرتضيٰ وهاب چيو ته عدالتي حڪمن تي عمل ڪندي رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، عدالت حڪومت کي 15 ڏينهن جو وقت ڏنو آهي، هاڻي حڪومت فيصلو ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو