فورسز جون ڪي پي ۾ ڪارروائيون، 10 خارجي مارجي ويا

فورسز جون ڪي پي ۾ ڪارروائيون، 10 خارجي مارجي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه ۾ مختلف آپريشنز دوران 10 خارجين کي ماري ڇڏيو.آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڪلاچي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو، آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي نشانو بڻايو ويو ۽ فائرنگ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. ان ئي دوران اتر وزيرستان جي مختلف علائقن دته خيل، حسن خيل، غلام خان ۽ مير علي ۾ به جهڙپون ٿيون، جنهن ۾ وڌيڪ 6 دهشتگرد مارجي ويا. مارجي ويل سڀني دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو