اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پشين مان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا.ترجمان موجب مولانا فضل الرحمان جا نامزدگي ڪاغذ صوبائي امير مولانا عبدالواسع جمع ڪرايا،ان موقعي تي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ، اصغر ترين ۽ پشين جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا،مولانا فضل الرحمان اين اي 265 پشين ۽ ڊي آءِ خان مان قومي اسيمبلي جو اميدوار آهي.اڳوڻي وفاقي وزير مولانا اسد محمود ٽئنڪ تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا،مولانا اسد محمود اين اي 43 تڪ تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا











