فريال سان عورت اڳواڻن جي ملاقات،سياسي صورتحال تي ڳالهيون

فريال سان عورت اڳواڻن جي ملاقات،سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي عورت ڊپارٽمينٽ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سان پيپلز پارٽي عورت سنڌ جي صوبائي عهديدارن جي ملاقات ڪئي،ملاقات ڪندڙ ۾ ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي عورت شعبي جي صدر شگفته جماڻي ، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مهرين ڀٽو، اطلاعات سيڪريٽري سعديه جاويد ۽ ڪراچي ڊويزن جي صدر شاهده رحماني پڻ شامل هيون.زرداري هائوس ڪراچي ۾ ٿيل ملاقات دوران صوبي جي سياسي صورتحال، تنظيمي معاملن ۽ عورتن جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پيپلز پارٽي عورت شعبي جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر کي تنظيم جي صوبائي صدر شوڪت جماڻي پاران تنظيمي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. فريال ٽالپر جي صوبائي عهديدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته عام چونڊن ۾ پارٽي جي تاريخي ڪاميابي لاءِ وومين ونگ کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،پيپلز پارٽي جي عورت شعبي جا سمورا عهديدار ۽ ڪارڪن پارٽي منشور ۽ چيئرمين جو پيغام گهر گهر پهچائين،بلاول ڀٽو زرداري جو چونڊ منشور ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجز جو بهترين حل هوندو،عورتن جي حقن جو تحفظ ۽ سندن ترقي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو