فتح جهنگ،انڊس هاءِ وي تي بس کي حادثو، 10 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي

فتح جهنگ،انڊس هاءِ وي تي بس کي حادثو، 10 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي

فتح جهنگ (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي ضلعي اٽڪ ۾ فتح جنگ ويجهو تيز رفتار بس ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا. موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته فتح جنگ ويجهو دير اسماعيل خان موٽر وي ايم 14 تي ڊرائيور جي غفلت سبب تيز رفتار بس بهاولپور کان اسلام آباد وڃي رهي هئي.موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 10 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا، بس ڊرائيور جي غفلت سبب پيش آيو.موٽر وي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حادثي جو اطلاع ملندي ئي موٽر وي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٽي ايڇ ڪيو فتح جنگ منتقل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو