فاطمه ۽ جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

فاطمه ۽ جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان)ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو ايس ٽي پي پاران شھيد فاطمه ڦورڙو ۽ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاقلن کي گرفتاري لاءِ ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي ، عصمت الله ملڪ، قمر سھرياڻي ، امداد کوسو ۽ ٻن جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ وڏي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي مٿن اڳوڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد فاطمه ڦورڙو ۽ شھيد جان محمد مھر جي قاقلن کي سري عام ڦاسي تي لٽايو وڃي ھي سماج جا ٻه قاتل آھن اھڙن مجرمن کي ڪابه رعايت نه ڏني وڃي اسان ايس ٽي پي پاران پوري سنڌ ۾ سراپا احتجاج بڻيل آھيون جيسيتائين شھيدن کي انصاف نه ملندو تيستائين پوري سنڌ ۾ احتجاج جاري رھندو،
نئون ڪوٽ:
شھيد صحافي جان محمد مهر ۽ معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي عبدالڪريم ڪيريو، ڀورل سنڌي، سجاد علي سنڌي، نظير ڪيريو ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيٽس روڊ کان نئونڪوٽ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته جان محمد مهر سنڌ جو سچو صحافي هو جيڪو ڪڏهن به ڏاڍ ۽ جبر اڳيان نه جھڪيو، جنهن جي ڪري اها ڳالهه اتان جي بااثرن کي نه وڻي جنهن رات جي انڌيري ۾ مٿس حملو ڪري قتل ڪيو، هنن چيو ته شهيد صحافي جان محمد مهر ۽ راڻيپور واسي معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو جي قاتلن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، سنڌ امن جي ڌرتي آهي جتي پوليس جي لاپرواهي سبب اهڙا ڏوھ ٿي رهيا آهن، پوليس ڪک ڀڄي به ٻيڻو نه پئي ڪري هنن چيو ته پوليس هٿ وٺي سنڌ جو امن خراب ڪري پئي، انهي تي ضابطو آندو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ٻنهي واقعن ۾ ملوث جوابدارن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ اسان سڄي سنڌ ۾ سراپا احتجاج هونداسين،
گھوٽڪي :
سنڌ ترقي پسند پارٽي مرڪز جي سڏ تي ايس ٽي پي ضلعي گھوٽڪي پاران سينيئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو صاحب جي اڳواڻي ۾ شھيد جان محمد مھر، شھيد فاطمه ڦرڙو جي قتلن جي گرفتاري، پنجاب جي شھر جڙانوالہ ۾ ڪرسچن ڪميونٽي جي عبادتگاهن تي حملن ۽ سنڌ جي حق حڪمراني سنڌين کان کسي غير سنڌين حوالي ڪرڻ خلاف پريس ڪلب ميرپور ماٿيلو کان ڀٽائي چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي ويئي. ان موقعي تي ڄام عبدالفتاح سميجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي اندر شعور کي چونڊي چونڊي شھيد ڪيو پيو وڃي جيڪا ھڪ وڏي سازش آھي انھي سازش کي اسان ڪامياب ٿيڻ ڪون ڏينداسين. ھن مطالبو ڪندي چيو ته شھيد جان محمد مھر جي قاتلن ۽ شھيد فاطمه ڦرڙو جي قاتلن کي فورن گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. ريلي کي مصطفي نائچ، ڪامريڊ مير محمد شر، عاجز گبول، نواز جلباڻي، نجم ڀنگر، ڄام معشوق سميجو، علي گوھر گبول، قبول گبول، لطيف لغاري ۽ الھوسايو وسير پڻ خطاب ڪيو.
نوشھرو فيروز :
نوشھروفيروز ۾ سنڌ جي ارڏي شھيد صحافي جان محمد مھر ۽ راڻيپور ۾ سيدن جي حويلي ۾ بيدري سان قتل ڪيل فاطما ڦرڙو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ايس ٽي پي ضلع صدر اصغر ڀرٽ ـ ممتاز ڀرٽ ـ حبيب الله مشوري اسد چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چئيو ته سکر جي سنئير بيباڪ صحافي ڪاوش ڪي ٽي اين رپورٽر جان محمد مھر کي سکر جي شھر ۾ سرعام شھيد ڪيو ويو ان سان گڏوگڏ راڻيپور ۾ سيدن جي حويلي ۾ فاطما ڦرڙو کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو جنھن جا ھن وقت تائين قاتل گرفتار نـ ڪيا ويا آھن جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيو ٿا اسان سنڌ حڪومت سميت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ ٻين ادارن کان پرزور اپيل ڪريو ٿا تـ شھيد صحافي جان محمد مھر ۽فاطما ڦرڙو جا قاتل جلد کان جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي۔
گلاب لغاري:
سنڌ ۾ معصومن سان ٿيندڙ ظلم حيوانيت ۽ بدامني خاص ڪري ننڍڙي فاطما سان ٿيل زيادتي قتل اغوا ۽ صحافين سان زياديتن خلاف گلاب لغاري جي صوفي راڳين جي عيسي فقير سنگ پاران آچر فقير گل حسن لغاري فقير علي نواز نانگو رشيد فقير جبار فقير نياز علي شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ يڪتارا باجا ۽ چپڙيون کڻي راڳ ڳائي پوري شھر جو گشت ڪيو کين امن جو پيغام ڏنو انهيَ حوالي سان صوفي راڳين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ سدائين امن ۽ پيار جي ڌرتي رهي آهي ليڪن ڪجھ عرصي کان سنڌ اندر انسانيت جا ليڪا لتاڙي مظلومن مٿان ظلمن جا پھاڙ ڪيرايا پيا وڃن ليڪن انتظاميا نالي ڪا شئي ناهي ھنن چيو ته اسان ملڪ جي واڳ ڌڻين کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا ملڪ توڙي سنڌ جي امن لاء صوفي ازم کي اڳيان آڻي انسانيت جو درس ڏنو وڃي

ٽنڊو محمد خان
سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان ٽنڊو محمد خان ۾ شهيد جان محمد مهر جي قتل ، راڻيپور جي معصوم نياڻي فاطمه جي قتل ، سنڌ جي نگران غيرسنڌي وزيراعلى جي مقرري خلاف احتجاج ، ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان شهيد جان محمد مهر ۽ راڻيپور جي معصوم نياڻي فاطمه جي قاتلن جي گرفتاري ، سنڌ جي نگران غير سنڌي وزيراعلى جي مقرري خلاف ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر اقبال حاجاڻو ، سارنگ شاھ ، محمد جمن سمون ، ڪائونسلر طارق پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مهراڻ چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ، مظاهري ۾ شامل اڳواڻن چيو ته سکر جي بهادر شهيد صحافي جان محمد مهر ۽ راڻيپور جي معصوم نياڻي فاطمه جو قتل الڳ الڳ واقعا هجڻ باوجود دردناڪ واقعا آهن جنهن ۾ لڪيل هٿن کي ظاهر ڪرڻ سان گڏ قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ، سنڌ ۾ نگران سيٽ اپ جي اندر غيرسنڌي وزيرن جو تعداد وڌيڪ هجڻ سان گڏ غير سنڌي وزيراعلى مقرر ڪري سنڌين کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ هجڻ جو غلط تاثر ڏنو وڃي پيو جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ، سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان احتجاج جاري رهندو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو