لاڙڪاڻو/ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته ٽيڪسن جي ڀرمار ۽ مهانگائي جي طوفان عام ماڻهو کان خوشيون کسي ڇڏيون آهن. حڪومت صرف پيٽرول تي 100 ۽ ڊيزل تي 95 رپيا في لٽر ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي، جڏهن ته بدلي ۾ عوام کي ڪو به رليف نٿو ملي. تعليم، امن، صحت جون سهولتون حتيٰ زندگي جي اهم ضرورت پاڻي به ماڻهو پاڻ خريد ڪن ٿا، جيڪو ظلم ۽ ناانصافي جي انتها آهي.غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ۽ فلاحي ڪمن ۾ خرچ ڪيل هر روپيو دراصل آخرت جي ڪاميابي جي بهترين سيڙپڪاري آهي. موجوده معاشي حالتن ۾ بيشمار سفيد پوش ۽ بي سهارا خاندان سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن ۽ اهڙي وقت ۾ صاحبِ حيثيت ماڻهن جي ذميواري وڌيڪ وڌي وڃي ٿي ته اهي اڳتي وڌي انهن جي دستگيري ڪن. اها ڳالهه هن الخدمت فائونڊيشن جي تحت لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿيل ڊونرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي.ڪانفرنس ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مخير حضرات، واپاري برادري، سماجي شخصيتون ۽ الخدمت جا ذميوار وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. امير جماعت اسلامي سنڌ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته الخدمت فائونڊيشن بنا رنگ، نسل، مسلڪ ۽ سياسي وابستگي جي فرق جي انسانيت جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي. تعليم، صحت، صاف پاڻي، يتيم ٻارن جي ڪفالت، بيوهن جي امداد ۽ هنگامي حالتن ۾ رليف سرگرمين ذريعي لکين ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.هن چيو ته سفيد پوش طبقو سڀ کان وڌيڪ نظرانداز ٿيندو آهي، جيڪو سوال نٿو ڪري پر سخت مشڪلاتن جو شڪار هوندو آهي، الخدمت اهڙن خاندانن تائين عزتِ نفس جي تحفظ سان مدد پهچائي رهي آهي. هن مخير حضرات تي زور ڏنو ته هو زڪوات، صدقات ۽ عطيات ذريعي هن نيڪ ڪم ۾ وڌ چڙه ڪري حصو وٺن.سندس چوڻ هو ته معاشري جي حقيقي ترقي تڏهن ممڪن آهي جڏهن خوشحال ماڻهو پنهنجن وسيلن ۾ ضرورت مند ماڻهن کي شريڪ ڪن. هن چيو ته هي دنيا فاني آهي، اصل ڪاميابي آخرت جي ڪاميابي آهي، ۽ الله جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ اهڙو عمل آهي جيڪو انسان لاءِ صدقہ جاريہ بڻجي وڃي ٿو.ڪانفرنس دوران الخدمت جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ مختلف فلاحي منصوبن جون تفصيلون ۽ ايندڙ هدف بيان ڪيا ويا. شرڪائن الخدمت جي شفافيت ۽ مؤثر نظام کي ساراهيندي ڀرپور سهڪار جي يقين دهاني ڪرائي. آخر ۾ اجتماعي دعا پڻ ڪئي وئي ۽ اهو عزم ظاهر ڪيو ويو ته معاشري جي محروم ۽ مستحق طبقن جي خدمت جو هي سفر وڌيڪ وسعت سان جاري رکيو ويندو.۔#










