لاهور(ويب ڊيسڪ)جهانگير ترين جو خصوصي پيغام وزيراعظم شهباز شريف کي سندس سياحت ۽ راندين واري صلاحڪار عون چوڌري پهچايو آهي.وزيراعظم شهباز شريف سان سياحت ۽ راندين واري صلاحڪار عون چوڌري ملاقات ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف ۽ عون چوڌري ملاقات دوران گهرو معاملن، پنجاب جي سياسي صورتحال ۽ ڊپارٽمينٽل معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ذريعن موجب ملاقات دوران عون چوڌري وزيراعظم شهباز شريف کي جهانگير ترين جو خاص پيغام پهچايو.
اسيمبلين کي بچائڻ لاءِ مختلف آپشنز تي غور
ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن جو اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ کان بچائڻ لاءِ سمورن آپشن تي به غور ڪيو ويو.ذريعن موجب اجلاس ۾ مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻن به شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










