پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته جڏهن مان پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان مليو ته هن مون سان ڪا به ناراضگي جو اظهار نه ڪيو، مان سندس دل ۾ ڇا آهي ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهان. ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته هو مون کي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملڻ نه ٿا ڇڏين، جڏهن پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿي ته هن مون کي ناراضگي واري ڪا به ڳالهه نه ڪئي، پي ٽي آءِ باني جي دل ۾ جيڪا ڳالهه آهي ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهان.حڪومت سان ڳالهين بابت ڳالهائيندي، ڪي پي جي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن حڪومت اسان جا مطالبا پورا ڪري ٿي ته ڳالهيون ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون.










