لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني بشرا بي بي ۽ علي امين گنڊاپور رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن جي قتل جا ذميوار آهن.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته 9 مئي 2 جو منصوبو ناڪام بڻايو ويو، ڊي چوڪ تي رڳو رينجرز ۽ پوليس جا لاش گڏ ڪرڻ آيا.مريم اورنگزيب چيو آهي ته هو 2014ع ۾ به ڊي چوڪ تي قبرون کوٽڻ آيا هئا، 9 مئي تي ڪارڪنن کي اڳيان ڪري فوجي تنصيبات تي حملو ڪيو ويو.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو آهي ته ڪرائيم دهشتگرد ملڪ کي باهه ڏئي بلٽ پروف گاڏي ۾ فرار ٿي ويا، پي ٽي آءِ سياسي پارٽي نه پر ڏوهارين جو ٽولي آهي.










