اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شير افضل مروت جو چوڻ آهي ته علي امين ۽ مان گنڊا پور ڊي چوڪ تي احتجاج جي حق ۾ نه هئاسين.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته علي امين چاهي ٿو ته ڪارڪن ڪلثوم اسپتال مان منتقل نه ٿين، پر پي ٽي آءِ ڪارڪن ڊي چوڪ وڃڻ تي بضد هئا.شير افضل مروت چيو ته اسان احتجاج ڪرڻ ويا هئاسين، اسان وٽ گولين جو ڪهڙو علاج آهي؟ هن دعويٰ ڪئي ته بيگناهه نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو، احتجاج ۾ اسان جا 12 ڪارڪن شهيد ٿيا.










