عدالتي حڪم تي بٺي تي ڪم ڪندڙ 4 مزدور بازياب

ٽنڊو محمد خان  (مظفر علي بروهي)شيخ ڀرڪيو پوليس عدالتي حڪم تي سرن جي بٺي تي ڇاپو هڻي چار پورهييتن کي بازياب ڪرائي ورتو. ٽنڊو محمدخان جي عدالت ۾ بابو اوڏ پاران ڏنل  درخواست تي عدالت شيخ  ڀرڪيو پوليس کي پورهيت بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ,جنهن تي پوليس ڪاروائي ڪندي  نياز پٺاڻ جي سرن جي بٺي تي ڇاپو هڻي چار پورهيتن دلبر اوڏ, منور اوڏ, مسمات شبانا ۽  شاهجان کي بازياب ڪرائي ورتو  جن کي سڀاڻي ٽنڊو محمد خان جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو