حيدرآباد (ن س) نگران صوبائي وزير ، حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس سان خطاب ڪندي چيو ته عام چونڊون پنھنجي وقت تي ٿيندي نظر اچن پيون . ھن چيو ته نگران صوبائي حڪومت بلڪل غير جانبدار آھي ء غيرجانبداري برقرار رکڻ لاء بيورو ڪريسي ۾ اٿل پٿل ڪئي ويئي آھي . صوبائي وزير سيد محمد احمد شاھ چيو ته جان محمد جي قاتلن جي گرفتاري لاء وزير اعلي سنڌ خاص ھدايتون جاري ڪيون آھن. ھن چيو ته مک قاتل لاء پنجاھ لک ھيڊ مني مقرر ڪرڻ جي ڳالھ ٿي آھي درخواست ملي ته جلد عمل ڪيو ويندو.ھن پريس ڪلب جي سھولتنء صحافي ڪالوني ۾ ترقياتي ڪم بابت چيو ته ھو ان سلسلي ۾ چيف منسٽر سان ڳالھائي سندس صوابديدي فنڊ جاري ڪرائيندس .ان موقعي تي پريس ڪلب صدر لالا رحمان سمون پريس ڪلب جي مسئلن ء ان جي حل بابت صوبائي وزير کي بريف ڪيو . صوبائي نگران وزير ڪالي ماتا مندر فتح چوڪ ء بيتاني برادرن چرچ حر ڪيمپ جو پڻ دورو ڪيو ء ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ورتي.










