ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پامالي تي آواز اٿاري.انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو انساني حقن جي علمبردار هئي، ذوالفقار علي ڀٽو 1973 جي آئين ۾ انساني حقن جي ضمانت ڏني آهي.هن چيو ته پيپلزپارٽي سدائين اقتدار ۾ اچي انساني حقن کي يقيني بڻايو آهي.










