عادي گوسڙو ماسترن خلاف ڪارروائي ڪريو،رپوٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

عادي گوسڙو ماسترن خلاف ڪارروائي ڪريو،رپوٽ پيش ڪرڻ جو حڪم

گهوٽڪي (ن س)ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي آغا شير زمان چيو آهي ته عادي گوسڙو ماسترن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ڊي اي اوز هائي اسڪولن ۽ ٽي اي اوز پرائمري اسڪولن بابت رپورٽ پيش ڪن ته ايس ايم سي فنڊ مان اسڪولن ۾ ڪهڙو ڪم ٿيو، تعليم جي بهتري لاءِ استادن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، بهتر تعليم کان بغير ترقي ممڪن ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ تعليم جي بهتري لاءِ قائم ٿيل ڊسٽرڪٽ ريفارم اوورسائيٽ ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. گڏجاڻي ۾ چيف مانيٽرنگ آفيسر سنيل ڪمار سميت سيڪنڊري اينڊ هائير سيڪنڊري توڙي پرائمري جي ڊي اي اوز ۽ ٽي اي اوز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته مفرور ۽ عادي گوسڙو ماسترن توڙي ملازمن خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تعليم کاتي گهوٽڪي جي ڪاڪردگي تي سواليه نشان آهي، هن چيو ته تعليم جي بهتري لاءِ ضروري آهي ته اسڪول مان مسلسل غير حاضر رهندڙ استادن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي ڪارروائي نه ٿيڻ سبب غيرحاضري ۾ اضافو ٿيندو آهي. ان موقعي تي هن ڊي اي اوز ۽ ٽي اي اوز کي هدايت ڪندي چيو ته ضلعي جي غير حاضر رهندڙ استادن جي پگهار مان ڪٽوتي ڪري ايندڙ گڏجاڻي دوران رپورٽ ۽ تجويزون پيش ڪيون وڃن جڏهن ته جن اسڪولن ۾ استادن جي ضرورت آهي ان حوالي سان پڻ جوڳا قدم کڻي ضرورت موجب اسڪولن ۾ استاد فراهم ڪرڻ لاءِ پاليسي موجب عمل ڪيو وڃي. ان کان اڳ سي ايم او سنيل ڪمار ڊپٽي ڪمشنر کي ٻڌايو ته ضلعي جي مختلف اسڪولن مان 104 استاد ۽ لوئر اسٽاف مفرور جڏهن ته 324 عادي گوسڙو آهن اهڙي رپورٽ کان تعليم کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي آگاه ڪندا رهيا آهيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو