لاهور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد جي والد جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءَ مريم نواز خلاف جيل مان چونڊ وڙهندي.اهڙو اظهار صنم جاويد جي والد نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪيو.سندن چوڻ آهي ته صنم جاويد پي پي 150 لاهور تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندي.صنم جاويد جي والد چيو ته هو چونڊ وڙهڻ لاءِ صنم جاويد جا لاڳاپيل دستاويز گڏ ڪري رهيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته صنم جاويد جا نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪندا، صنم جاويد پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهندي.صنم جاويد جي والد جو اهو به چوڻ آهي ته صنم جاويد به عورتن جي مخصوص سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندي.










