اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري ورتو. صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس 10 جون اڱاري تي شام 5 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو آهي.صدر اهو اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54 جي شق 1 تحت اختيار استعمال ڪندي طلب ڪيو آهي، اهو موجوده قومي اسيمبلي جو 17هون اجلاس هوندو.واضح رهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ به 10 جون تي پيش ڪئي ويندي.










