شڪارپور ڇاپو، جعلي ڀاڻ ۽ زرعي دوائون،خام مال ۽ هزارين ٻوريون هٿ

شڪارپور ڇاپو، جعلي ڀاڻ ۽ زرعي دوائون،خام مال ۽ هزارين ٻوريون هٿ

شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) شڪارپور ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وڏي ڪارروائي ڪندي ٿاڻي سلطان ڪوٽ جي حدن ۾ واقع هڪ نجي فيڪٽري تي زراعت کاتي ۽ پوليس جي آفيسرن سان گڏ ڇاپو هنيو۔ ذريعن موجب ڇاپي دوران فيڪٽري مان مبينا طور تي تيار ڪيل جعلي ڀاڻ ۽ زرعي دوائن سميت خام مال جون هزارين بورين هٿ ڪيون ويون۔ ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته موقع تي جعلي ڀاڻ سان ڀريل هڪ ٽرڪ به تحويل ۾ ورتو ويو، جڏهن⁠تہ هٿ آيل ڀاڻ، زرعي دوائن ۽ خام مال جي قيمت لکين رپيا ٻڌائي وڃي ٿي۔ ملزمن کان جاچ جاري آھي ۽ هٿ آيل جعلي ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا نمونا ليبارٽري ٽيسٽ لاءِ موڪليا ويا آھن۔ زراعت کاتي جي چوڻ مطابق هٿ آيل جعلي ڀاڻ، زرعي دوائون ۽ ڪيميڪل فصلن لاءِ انتهائي خطرناڪ آھن، جيڪي هارين کي سخت نقصان پهچائي سگھن ٿا۔ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل ابڙو ان موقعي تي ٻڌايو ته لاڳاپيل نجي فيڪٽري کي فوري طور تي سيل ڪيو ويو آھي فيڪٽري ۾ لڳل مشينري ذريعي جعلي ڀاڻ ۽ زرعي دوائون تيار ڪري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيون پئي ويون۔

پهنجو تبصرو موڪليو