شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) شڪارپور ۾ هڪ ڏکوئيندڙ ٽريفڪ حادثو ٿيو، جتي تيز رفتاري سبب مزدا گاڏي بجلي جي پول سان ٽڪرائي وئي ۽ پوءِ روڊ ڪناري ستل ماڻهن مٿان چڙهي وئي۔ جنھن سبب چار معصوم ٻارن سميت اٺ ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن تہ پنج ماڻهو زخمي ٿيا۔ حادثي کان پوءِ ريسڪيو ٽيمون پهتيون ۽ فوت ٿيلن ۽ زخمين کي سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو۔ پوليس موجب، هي حادثو ڪنڊن چوڪ وٽ ٿيو، جنهن ڪيترن ئي گهرن جا چراغ وسائي ڇڏيا۔ فوت ٿيلن ۾ 38 ورهين جي گوبي، 40 ورهين جي رابعہ، 10 ورهين جي ريما، 8 ورهين جي رشيده، 8 ورهين جي سميه، 12 ورهين جو انعام الله، 6 ورهين جي پيارِي ۽ 17 ورهين جي منِي شامل آهن۔ زخمين ۾ سليمان خميسو، اويس ۽ وجي شامل آهن، جن کي سول اسپتال ۾ علاج ملي رهيو آهي۔ هن افسوسناڪ واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي ۽ هر اک آلي آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته مزدا ڊرائيور حادثي کان پوءِ ڀڄي ويو، پر گاڏي پوليس تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي وئي آهي،.. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه شڪارپور ٽرڪ حادثي ۾ 8 ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه زخمين کي بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، سنڌ جي وڏي وزير سکر ڪمشنر کي متاثر خاندان جي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي،وڏي وزير تيز رفتار ڊرائيور ۽ ٽرڪ مالڪ خلاف ڪارروائي جي به هدايت ڪئي آهي، وڏي وزير فوتين جي بلند درجن ۽ خاندانن لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي.










