پوليس تي ڌاڙيلن جي فائرنگ، گرفتارجوابدار مارجي ويو

پوليس تي ڌاڙيلن جي فائرنگ، گرفتارجوابدار مارجي ويو

شيخوپوره (ويب ڊيسڪ)شيخوپوره ۾ مريدڪي روڊ تي، ڌاڙيلن پنهنجي ساٿي کي بچائڻ لاءِ پوليس وين تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ جوابدار حراست ۾ مارجي ويو.پوليس موجب، موٽرسائيڪل تي سوار ڌاڙيلن پنهنجي گرفتار ساٿي کي بچائڻ لاءِ ڪرمنل ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي.پوليس اهلڪار جوابدار کي بازيابي لاءِ وٺي وڃي رهيا هئا.فوت ٿيل ڌاڙيل تي شيخوپوره ۽ سيالڪوٽ ۾ ڦر ۽ قتل جا ڪيترائي ڪيس هئا.پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو