شهزاد اڪبر ۽ فرح شهزادي جا پاسپورٽ رد

شهزاد اڪبر ۽ فرح شهزادي جا پاسپورٽ رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)گهرو وزارت اڳوڻي احتساب صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست فرح شهزادي جا پاسپورٽ رد ڪري ڇڏيا آهن.ذريعن موجب، 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل جي سلسلي ۾ ٻنهي ماڻهن جا پاسپورٽ رد ڪيا ويا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزارت قومي احتساب بيورو (نيب) جي حڪم تي پاسپورٽ منسوخ ڪيا، نيب 28 جنوري تي خط ذريعي پاسپورٽ منسوخ ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.ذريعن موجب، نيب 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ جوابدارن جا پاسپورٽ رد ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو