اسلام آباد (بيورو رپورٽ)شهر ۾ احتجاج ۽ ڇڪتاڻ سبب اسلام آباد جون 5 اڏامون رد ڪيون ويون،فلائيٽ شيڊول موجب ڪراچي ۽ ڪوئيٽا کان اسلام آباد ويندڙ اڏام پي ڪي 326 ۽ 310 کي رد ڪيو ويو،ڪراچي ۽ اسلام آباد وچ ۾ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 369 به رد ڪئي وئي.فلائيٽ شيڊول موجب دبئي، اسلام آباد ۽ عمان لاءِ خاص اڏامون آر جي 71 ۽ آر جي 72 به رد ڪيون ويون،ان کان علاوه مختلف ايئر لائنز جون 28 اڏامون آپريشنل سببن جي ڪري دير ٿي رهيون آهن.










