سکر(رپورٽر) سکر پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مقابلي دوران 2 ڏوهاري مارجي ويا آهن،پوليس موجب چيڪ پوسٽ تي ڪار کي بيهڻ جو اشاروڪيو ته ڏوهارين فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ ڏوهاري عبدالرسول ڀٽو ۽ سهيل ميراڻي مارجي ويا،پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري ڦر، اغوا، ڌاڙن ۽ ٻين سنگين ڪيس ۾ گهربل هئا،سکر پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته هڪ ڏوهاري تي هڪ ڪروڙ روپيا انعام رکيل هو










