سپريم ڪورٽ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته تحريڪ شروع ڪنداسين

سپريم ڪورٽ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ته تحريڪ شروع ڪنداسين

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين.190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي کان پوءِ اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمران خان چيو ته ادارو سڀني جو آهي، صرف آرمي چيف جو نه آهي، پوري قوم جي لاءِ اهم آهي ته ادارو مضبوط هجي جيڪو ڪم دشمن نه ڪري سگهيو اهو هي پاڻ ڪري اداري کي نقصان پهچائي رهيا آهن، ادارن ۾ ڪرپٽ ۽ نااهل ماڻهو ويهاريا ويندا ته قوم تباهه ٿي ويندي.هن چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش جي هٿان وائٽ واش ٿي وئي انهي کان وڌيڪ ٻئي خراب شڪست ڪهڙي هوندي. اهڙو ڪهڙو ايٽم بم ڦاٽو جو 3 سالن ۾ اسان جي ڪرڪيٽ بنگلاديش کان هيٺ هلي وئي ۽ تباهه ٿي وئي؟ اوهان سفارشي ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن، محسن نقوي جي ڪهڙي قابليت آهي، وڏي صاحب پنهنجو پي سي بي چيئرمين رکي ڇڏيو جيڪو ڪرپٽ ۽ فراڊي آهي. هن اليڪشن ۽ ڪڻڪ جو فراڊ ڪيو. محسن نقوي کي گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين وڏي صاحب مقرر ڪيو. جنهن کان پوءِ هن ڪرڪيٽ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. رميز راجا منهنجو مائٽ نه آهي پر هو هڪ پروفيشنل رانديگر هو جنهن کي مون پي سي بي چيئرمين مقرر ڪيو هو.عمران خان چيو ته چيف جسٽس اڍائي مهينن کان نيب ترميم اپيل جو فيصلو محفوظ ڪري رکيو آهي، انتظار ڪيو پيو وڃي ته مون کي 190 ملين پائونڊ ريفرنس ۾ سزا ٿئي ته هو نيب ترميم جو فيصلو ٻڌائين، نيب ترميم جي خلاف اپيل سبب شهباز شريف جا 4 ، نوازشريف جا 5، زرداري ۽ انهي جي ويجهن ساٿين جا 9 ريفرنس فريز آهن. هن چيو ته نيب القادر يونيورسٽي جو وڏو ڊونيشن بند ڪري ڇڏيو ته جيئن يونيورسٽي بند ٿي وڃي، جيڪڏهن القادر يونورسٽي بند ٿي وئي ته انهي سان مون کي نقصان نه ٿيندو، شوڪت خانم اسپتال بند ٿي ويو ته مريضن کي وڌيڪ خرچ ڪري علاج ڪرائڻو پوندو. عمران خان چيو ته مون کي اڪيلائپ ۾ قيد رکي ويو آهي صرف 3 ملاقاتن کان پوءِ سيل ۾ ئي رهندو آهيان، منهنجو سيل تندور بڻجي ويندو آهي، ڪڏهن به نه چيو آهي ته پريشان آهيان، ٻارن سان به نه پيو ڳالهائڻ ڏنو وڃي، صرف انهي جي شڪايت ڪئي ته انهي جي ڪري مون کي تڪليف آهي.هن وڌيڪ چيو ته هاڻ هي سپريم ڪورٽ تي حملو ڪري رهيا آهن، صرف سپريم ڪورٽ ئي هڪ سڃاڻپ بچي آهي، هاڻ هي انهي کي به تباهه ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن هنن سپريم ڪورٽ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو