سينئر صحافي جي والد جو مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

سينئر صحافي جي والد جو مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) سينيئر صحافي اعجاز کوکر ۽ محمد نياز کوکر جو والد پاڪستان فيڊرل يونين آف جنرلسٽ جي اڳواڻ آن لائين انڊس ٽي وي نيوز جي سرواڻ خالد کوکر سينئر صحافي اينڪر پرسن زاهد کوکر جو چاچو محمد رمضان کوکر هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آھي سندس جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ باداڻي شريف لڳ ڀان سيدآباد ۾ ادا ڪئي وئي ۽ کيس سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو سوڳوارخاندان ۾ اعجاز کوکر.ارباب کوکر طارق کوکر.سجادکوکر.مشتاق کوکر کوکر.راشدکوکر.ساجدکوکر تڏو ڳوٺ باداڻي شريف لڳ ڀان سيدآباد ۾ وڇايو ويو آھي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته تعزيت جو سلسلو جاري آهي سينيئر صحافي برادر محمد نياز کوکر ۽ اعجاز کوکر جي والد جي وفات تي چيئرمين پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري پاران پڻ ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو