اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سياسي ڳالهيون هلي رهيون آهن، اختلاف جلد ختم ٿيڻ گهرجن.اسلام آباد جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر گوهر چيو ته جيڪڏهن عدالت فيصلو ڏيڻو هجي ها ته ڪجهه دير انتظار ڪري ها، فيصلي جو ڳالهين سان واسطو نه هجڻ گهرجي ۽ نه ئي آهي.پي ٽي آءِ جي باني چيو ته ڪا ڊيل ناهي، 2 نقطن تي ڳالهيون ٿينديون، مينڊيٽ بابت پنهنجي موقف تي قائم آهيون، درخواستون التوا ۾ آهن، مينڊيٽ تي فيصلو 4 مهينن ۾ ڪيو وڃي.چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته سياسي ڳالهيون هلي رهيون آهن، ميز تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، هو پراميد آهن، اختلاف جلد ختم ٿيڻ گهرجن.










