سياسي بحران جي حل لاءِ ڪوششون جاري آهن: شاهه

سياسي بحران جي حل لاءِ ڪوششون جاري آهن: شاهه

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان سمورا معاملا پنهنجي سامهون رکندو، اميد آهي ته هو راضي ٿي ويندو.پارليامينٽ جي ڪوريڊور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ترميمون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن تي سموريون پارٽيون متفق آهن.هن چيو ته پي ٽي آءِ کي به موجوده قانون سازي لاءِ پنهنجو رويو تبديل ڪرڻ گهرجي.خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته خصوصي ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس 2 وڳي ٿيندو.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته سياسي بحران جي حل لاءِ ڪوششون جاري آهن، ان معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو