حيدرآباد(ن س )قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ ۾ ھٿرادو ڀاڻ جي کوٽ ڪري آبادگارن کي ٻنھي ھٿن سان لٽيو پيو وڃي۔مارڪيٽ ۾ يوريا ڀاڻ موجود ھجڻ باوجود ڊيلر يوريا ڀاڻ جي في ٻوڙي 4,500 سو کان 5000 ھزار روپيا بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن، وڏيرا، سردار ۽ جاگيردار تہ ايترا پئسا ڀري خريد ڪندا پر ھڪ عام ھاري ۽ ننڍو آبادگار ڪيئن خريد ڪري سگھندو. ان ڪري ھيٺئين طبقي جو آبادگار ۽ ھاري تمام گھڻي مشڪل ۾ آھي.ھن وقت سارين جي فصل کي يوريا ڀاڻ جي سخت ضرورت آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ميرپور ماٿيلو ۽ گھوٽڪي ۾ يوريا ڀاڻ ٺھي ٿو. اسان جا حڪمران ۽ وڏا ڊيلر سنڌ جي ماڻھن کي سرڪاري ريٽ تي يوريا ڀاڻ ڏيڻ لاء تيار نہ آھن وڏن واپارين گودامن ۾ يوريا ڀاڻ لڪائي ڇڏيو آهي۔ اھا سموري ذميواري مختيار، اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ سنڌ جي لاڳاپيل محڪمي جي آھي تہ يوريا ڀاڻ جي سپلائي کي يقيني بڻائين اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ اڳ ۾ عوام شديد مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي، آئون سنڌ جي نگران حڪومت کي چتاء ٿو ڏيان تہ سنڌ جي ماڻھن جي پيٽ تي لت نہ رکو، آئون سنڌ جي مختيارڪارن، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي چوان ٿو تہ سي ايس ايس ڪري ايندا آھيو، سنڌ خوش ٿي اوھان کي مبارڪون ڏيندي آهي، مائٽ دوست خوش ٿين ٿا، اوھان پنھنجي ذميواري پوري ڇو نٿا ڪريو، ماڻھو جا ٻچا ڪچلڻ ۾ ٻانھن ٻيلي نہ بڻجو، ماڻھن وٽ ٻوڙ تہ ڪونھي پر رکي ماني جو گرھ تہ نہ ڦريو، چانور جياپي جو بنياد آهي، اوھان چئو ٿا تہ ماڻھو ايٿوپيا وانگر روڊن تي نڪرن، ڏنڊا ھڻن ۽ باھيون ڏين،ڦرلٽ ڪن ۽ خودڪشيون ڪن ۽ لاش پيا ھجن، اوھان ھن سڄي بحران ۾ ڇا ويٺا ڪيو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ يوريا کانسواءِ سارين جو سلو طاقت ڪونہ وٺندو۔ تيلي وانگر ٿي ويندو۔ نتيجي ۾ ساريون اڌ اپت کان بہ ھيٺ ھلي ويندي. آئون گذارش ٿو ڪيان سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس کي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ۽ سڄي سنڌ جي انتظاميہ کي ۽ سموري سول سوسائٽي کي تہ آبادگارن جي مسئلي تي ڪردار ادا ڪن، سنڌ جي سول سوسائٽي، شاعر ء اديبن کي آبادگارن لاء ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي جيڪي ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪن ٿا، چانورن جو فصل کسڻ معني جينوسائيٽ ماڻھن کي مارڻ آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي آبادگارن ۽ ھارين کي يوريا ڀاڻ ڏيو۔ ھر ھڪ آبادگار کي في ايڪڙ 3 ٻوريون سرڪاري اگھ تي ڏيڻ يقيني بڻايو، ان حد جي ڊي سي، اي سي ۽ مختيارڪار کي پابند ڪن، جيڪڏهن ائين نہ ڪيو ويو تہ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ جو اڳئي بحران آهي پر چانور ھڪ وڏو بحران پيدا ٿيندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن سنڌ جي زراعت کي تباھي ڪناري پھچائي ڇڏيو آھي۔ جڏھن فصل لھن ٿا تہ انھن جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا۔ آبادگارن ۽ ھارين کي پنھنجي محنت جو اجورو بہ نٿو ملي۔ ھر زرعي فصل پوکڻ مھانگو ٿي ويو آھي۔ نقلي ٻج ۽ ڀاڻ بہ وڏو نقصان ڏئي رھيو آھي. نقلي ٻج، نقلي دوائن ۽ ڀاڻ جو وڏو ڪاروبار وڌي ويو آھي۔ رشوت جي ڪري جعلسازي ڪندڙن خلاف ڪا بہ ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪمند جي آبادگارن کي بقايائون نٿيون ڏنيون وڃن۔ ڪڻڪ لھي ٿي تہ باردانو گم ڪيو وڃي ٿو۔ ڦٽين ۽ ٻين فصلن جا اگھ ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي ڪنگال ڪيو وڃي ٿو۔ اھا زراعت جي تباھي آھي، جنھن ڪري غربت وڌي وئي آھي۔ بدحالي سبب سنڌ ترقي بدران پوئتي وڃي رھي آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي۔










