سنڌ ۾ سينئر ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت پاران سينئر ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن.جنهن موجب  وزيراعلي انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين 21هين گريڊ جي نواز شيخ کي بدلي ڪري اينٽي ڪرپشن کاتي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي،  جتان اقبال ميمڻ کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي وزيراعليٰ انسپيڪشن ٽيم ۾ چيئرمين مقرر ڪيو ويو. ثقافت کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري کي بدلي ڪري اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، جتان 21 ڏينهن جي موڪل تي ويل سيڪريٽري احمد بخش ناريجو کي هٽايو ويو آهي. واضح رهي ته اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري واري اضافي ذميواري به اڪبر لغاري حوالي ٿيل هئي. مڪاني ادارن واري کاتي جي 20هين گريڊ جي اسپيشل سيڪريٽري ابوبڪر کي بدلي ڪري کيس توانائي کاتي ۾ سيڪريٽري مقررڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ڊي ايڇ او دادو حميد شيخ کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، 19هين گريڊ جي اڪبر دائوداڻي کي دادو جو نئون ڊي ايڇ او دادو مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح سنڌ حڪومت پاران ڊي سي ٺٽو غضنفر قادري ۽ خوراڪ کاتي جي ڊائريڪٽر امداد شاھ جون پرڏيهه وڃڻ لاءِ هڪ هڪ هفتي جون موڪلون منظور ڪيون ويون آهن. ڊي سي ٺٽي جي موڪل منظور ٿيڻ بعد سجاول ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر اسماعيل ميمڻ کي ڊي سي ٺٽو جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن به جاري ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو