سنڌ ۾ ٻارن جو اغوا بند نو ٿيو، احتجاج، اغوا روڪڻ جي اپيل

سنڌ ۾ ٻارن جو اغوا بند نو ٿيو، احتجاج، اغوا روڪڻ جي اپيل

حيدر آباد (پ ر) سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسو، مرڪزي اڳواڻ فريد سولنگي، رميش ڀيل ۽ ثناالله سوڍو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻارڙن سان اغوا برائي تاوان جا واقعا اڄ ڏينهن تائين بند ڪون ٿي سگهيا آهن . 25 مهينا اڳ سکر جي علائقي سنگرار مان 7 ورهين جي ٻارڙي پريا ڪماري اغوا ٿي هئي. جنهن جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي . 25 مهينا گذرڻ باوجود قانوني ادارن طرفان پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ لاءِ اڃا تائين ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا ويا. سنڌ جي حڪمرانن سنڌ جي معصوم ٻارڙن جون زندگيون داءَ تي لڳائي ڇڏيون آهن. معصوم ٻارڙي پريا ڪماري جي بازيابي نه ٿيڻ سبب سندس گهر ۾ ٻائيتال متل آهي. اڳواڻڻ چيو ته ٻارڙن جي اغوا واري معاملي تي پوليس جي ڪارڪردگي غير تسلي بخش آهي. شهري ڪيترائي ڏينهن کان سراپا احتجاج آهن، تنهن هوندي به چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل آهن. سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڪاس گھمي رھيو آھي جنهن سبب شهري خصوصن هندو ڪميونٽي جا فرد وڌيڪ ظلم جو شڪار آھن. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته معصوم ٻارڙن سان زياديون، قتل ۽ اغوا جا واقعا سنڌ ۾ روز جو معمول بڻجي چڪا آهن، سرڪاري ادارا اگهور ننڊ ستل آهن، ٻارڙن جي حقن لاءِ ٺهيل ادارا نالي ماتر ڪم ڪري رهيا آهن، سنڌ پوليس به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، ٻارڙن جي حقن جي نالي ۾ ڪروڙين روپيه فنڊ کڻندڙ ادارا فقط خانه پوري تائين محدود بڻيل آهن، سجاڳ ٻار تحريڪ جي اڳواڻن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ هائي ڪورٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته معصوم نياڻي پريا ڪماري، علي اصغر منڱريو فضيلا سرڪي ۽ ٻين مغوين بازياب ڪري ڌاريلن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو