سنڌ ۽ پنجاب  ۾ ڪوهيڙي سبب فلائيٽ آپريشن متاثر

سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪوهيڙي سبب فلائيٽ آپريشن متاثر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۽ پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب فلائيٽ آپريشن متاثر ٿيو.سنڌ ۽ پنجاب جا ڪيترائي علائقا شديد دھند ۾ پکڙيل آھن جتي دھند سبب مختلف شھرن ۾ فلائيٽ آپريشن متاثر ٿي ويو آھي، 2 درجن کان وڌيڪ اڏامون منسوخ ٿي ويون آھن جڏھن ته درجنين دير جو شڪار ٿي ويا آھن.هوڏانهن ڪوهيڙي سبب ايم 2 ٺوڪر نياز بيگ کان بلڪسر تائين، موٽر وي ايم 3 فيض پور کان صحرائي، موٽر وي ايم 4 پنڊي ڀٽان کان فيصل آباد ۽ ايم 5 شير شاهه کان اوچ شريف تائين هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي، جڏهن ته ايم 11 بند آهي. موٽر وي پڻ بند آهي.ان کان علاوه لاهور ۾ هوا جو معيار به خراب آهي ۽ لاهور اڄ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آلودگي وارن شهرن ۾ نمبر ون رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو