سنڌ يونيورسٽي طرفان داخلا في ۾ واڌ رد: شاگرد تحريڪ

سنڌ يونيورسٽي طرفان داخلا في ۾ واڌ رد: شاگرد تحريڪ

حيدرآباد (ن س) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، مرڪزي نائب صدر امجد سرگاڻي، مرڪزي پريس سيڪريٽري حميد انقلابي ۽ جميل ملاح پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي طرفان سالياني فين ۾ 15 سيڪڙو واڌ ڪري غريب شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم جا دروازا بند ڪيا ويا آهن، سنڌ يونيورسٽي جي اهڙي فيصلي کي رد ڪريون ٿا ۽ مطالبو ٿا ڪيون ته فيون وڌائڻ بجاءِ گهٽايون وڃن ته جيئن غريب شاگرد آساني سان تعليم پرائي سگهن. اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي يونيورسٽين جي گرانٽ وڌائي وڃي ته جيئن غريب شاگردن کي رليف ملي سگهي. اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جي غريب شاگردن لاءِ مفت اسڪالرشپ جو اعلان ڪيو وڃي. هنن چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جي پرچي آئوٽ ٿيڻ، سنڌ حڪومت طرفان سنڌ جي يونيورسٽين جي بجيٽ گهٽائڻ ذريعي شاگردن جو قتل عام، ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪي ايس پي پاليسي، هيڪ طرفان سنڌ جي يونيورسٽين کي گرانٽ نه ڏيڻ، داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ ۾ گريڊ جي شرط، سمورين يونيورسٽين ۾ شاگردن کي مفت هاسٽلون نه ڏيڻ ۽ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ پاسنگ مارڪن تي شاگردن کي داخلا نه ڏيڻ خلاف سنڌي شاگرد تحريڪ طرفان 22 آڪٽوبر سکر ۾ بک هڙتال، 29 آڪٽوبر حيدرآباد ۾ عظيم الشان ريلي ۽ 4 نومبر تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو