سنڌ جي ثقافت مهذب،تهذيب ۽ روايتن جي امين آهي،باقر

سنڌ جي ثقافت مهذب،تهذيب ۽ روايتن جي امين آهي،باقر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر کي سنڌي ثقافتي ڏهاڙو جون واڌايون، نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته اڄ سنڌي ثقافتي ڏهاڙي تي سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، سنڌ جي ثقافت، تهذيب تمدن ۽ روايتن جي محافظ آهي، سنڌ تصوف جي ڌرتي آهي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، لعل شهباز قلندر، سچل سرمست، عبدالله شاهه غازي، مقبول باقر جهڙن عظيم صوفين جي ڌرتي آهي،سنڌي ثقافت ۾ مهمان نوازي، رواداري ۽ اخلاق ۽ پيار سڀ کان وڌيڪ آهي، اجرڪ جي رنگن وانگر سنڌ جي ثقافت جو به دلڪش ميلاپ آهي، اڄ نسل پرستي، انتهاپسندي ۽ هر قسم جي تعصب خلاف محبت جو درس ڏئي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو