ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي بيورو ڪريسي ۾ وڏي پيماني تي مقررين ۽ بدلين لاءِ تيار ڪيل لسٽون اليڪشن ڪميشن حوالي ڪيون ويون آهن چيف سيڪريٽري پاران حتمي منظوري لاءِ لسٽ اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي وئي، اليڪشن ڪميشن پاران منظوري ملڻ بعد اڄ ئي وڏي پيماني تي مقررين ۽ بدلين جا امڪان آهن آغا واصف کي ناڻي جو سيڪريٽري ۽ حسن نقوي کي پرنسپل سيڪريٽري ٽو سي ايم مقرر ڪرڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته نجم شاهه کي گهرو سيڪريٽري ۽ منظور شيخ کي مڪاني ادارن جو سيڪريٽري لڳائڻ جا امڪان آهن الطاف ساريو، سعيد لغاري، الطاف شيخ، احمد علي صديقي ۽ فهد غفار سومرو کي ڪراچي ۾ ڊپٽي ڪمشنر لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي اليڪشن ڪميشن پاران اعتراض نه وارڻ جي صورت ۾ اڄ ئي مقررين ۽ بدلين جا نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جا امڪان آهن










